سيد پير محمد شاهه

سيد پير محمد شاهه

سيد پير محمد شاهه

سيد پير محمد شاهه: پير محمد شاهه'>سيد پير محمد شاهه ولد سيد اسماعيل شاهه 1900ع ڌاري سجاول، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي ابتدائي تعليم سجاول مان حاصل ڪئي، پيشي جي لحاظ کان زميندار هو. 1927ع ۾ تعلقي لوڪلبورڊ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1930ع ۾ ڪراچي ضلعي زميندار ۽ جاگيردار ايسوسيئيشن جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ 1934ع ۾ سنڌ آزاد پارٽي سجاول جو صدر چونديو. 1938ع کان 1941ع تائين ڪراچي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ۽ اسڪول بورڊ جو ميمبر رهيو. انهيءَ سال يعني 1938ع ۾ جڏهن ضلعي ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪيو ويو ته کيس ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ صوبه ۾ مسلم ليگ جو نمائندو ڪري کنيو ويو. ڊسمبر 1939ع کان 1946ع تائين سينيٽري ڪميٽي سجاول جو ۽ بعد ۾ زندگيءَ جي آخري حصي تائين نوٽيفائيڊ ايريا جو ميبر رهيو. 1945ع ۾يوسف هارون کي ڪراچي ضلعي مان چونڊائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. انهيءَ سلسلي ۾ 20 نومبر 1945ع تي سجاول ۾ مسلم ليگ جي جلسي جي صدارت پڻ ڪيائين. ورهاڱي وقت سجاول ۾ مهاجر ڪئمپ جي بندوبست لاءِ پير محمد شاهه'>سيد پير محمد شاهه تي ڪم رکيو ويو هو. آڪٽوبر 1947ع ۾ سجاول کان ٺٽي ويندي هڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ سندس انتقال ٿيو.


لفظ سيد پير محمد شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو